رفيق مغل ڊاڪٽر

رفيق مغل ڊاڪٽر

رفيق مغل ڊاڪٽر

رفيق مغل، ڊاڪٽر: پاڪستاني آثارِ قديمه جو ناميارو محقق ۽ ماهر محمد رفيق مغل ڪافي عرصي کان چترال ۽ اتر پاڪستان جي علائقن ۾ موجود نسلي قديم آثارن (Ethno Archaeology) تي تحقيق جي عمل ۾ سرگرم آهي. هن پنجاب، خيبر پختونخوا ۽ اتر پاڪستان جي علائقن ۾ موجود اسلامي، ٻڌمت ۽ آڳاٽي تاريخ جي دؤرن جي باقيات تي نه رڳو تحقيق ڪئي آهي. بلڪ تاريخي ماڳن جي کوٽائيءَ ۾ فني صلاحيتن جو استعمال، تحقيق جي عمل جي نگراني ۽ قديم يادگارن/ نوادرات جي سار سنڀال جو ڪم ذميواريءَ سان نڀايو آهي. هن وقت بوسٽن يونيورسٽيءَ جي آثارِ قديمه ۽ تهذيبي ميراث واري شعبي جو پروفيسر ۽ ’Undergraduate‘ سربراهه طور فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن پاڪستان جي ڪيترن قديم آثارن/ ماڳن جي طرزِ تعمير جي تحفظ، بقا ۽ سار سنڀال لاءِ مختلف رٿائون تيار ڪيون. هن آڳاٽي دؤر کان وٺي اسلامي دؤر تائين مختلف تهذيبن بابت تحقيق جي حوالي سان ڪيترا منصوبا جوڙيا ۽ پنهنجي ڏاهپ سان قديم آثارن جي کوٽائي، نوادرات جي کوجنا متعلق وسيع پيماني تي تحقيق ڪئي، انهن آثارن کي دستاويزن جي صورت ۾ محفوظ ڪيو. هن آثارِ قديمه جي ڪيترن بين الاقوامي ماهرن ۽ ادارن جي گڏيل سهڪار سان سنڌو ماٿر، بلوچستان، پنجاب، خيبر پختونخوا ۽ پاڪستان جي اترئين علائقن تي تمام گھڻي تحقيق ڪئي.
سنڌ جي هيٺين علائقن ۾ هن ٻين ماهرن سان گڏجي تحقيق ڪئي، تن ۾ جيڪب آباد (1961ع)، نوابشاهه- ٺٽو (1963ع)، ملير River Barin) : 1964)، سکر- روهڙي (1966) ۽ (1983)، ڪراچي ۽ ٿاڻو بولا خان (1966ع)، سنڌ- ڪوهستان (1983ع)، ننگرپارڪر (1987) وغيره شامل آهن. انهن علائقن جي کوٽائيءَ دوران سموري ڪم جي سربراهي نامياري محقق ۽ ماهر (Walter A. Fariservis) ڪئي. بلوچستان صوبي، آثارِ قديمه جي ماهر جارج ايف. ڊيلز (George F. Dales) جي نگراني هيٺ اتر ۽ وچ بلوچستان جي علائقن (1973ع) ۾، مڪران جي سامونڊي ڪناري (1960ع)، لسٻيلي (1962ع) ۽ ڪيچ مڪران واديءَ ۾ 1964ع ۾ کوٽائي ۽ تحقيق ڪئي.
هن پنجاب صوبي جي علائقن: چولستان (1977- 1974)، ملتان ۽ فيصل آباد (1967، 1971، 1973 ۽ 1974)، ساهيوال (1966 ۽ 1971)، ديري غازي خان (1961) ۽ لاهور (1990)، خيبر پختونخوا ۽ اترين علائقن سوات ۽ دير (1966ع)، گلگت ۽ هنزه (1979ع) تي تحقيق ڪئي آهي. ان کان 1993ع کان 1996ع جي وچ واري عرصي ۾ ’سنڌ ۽ پنجاب جي تاريخي ماڳن ۽ يادگارن تي تحقيق ڪرڻ انهن جا دستاويز تيار ڪرڻ ۽ ٻين اهم رٿائن جو سربراهه ٿي رهيو. سنڌو ماٿريءَ ۾ پٿر جي دور جي جن قديم آثارن جي کوٽائيءَ ۾ رفيق مغل حصو ورتو، تن ۾ جھُڪر (1974- 1973ع)، ملير ميگالٿس (1975)، هڙاپا (1967ع ۽ 1992ع)، جليلپور (1971ع ۽ 1976ع)، جھنگ (1974ع)، سوتڪا جندور (1960ع)، سرال جسر (Saral Jisr)، بُري ۽ عالي (بحرين) 1982ع- 1980ع هن آڳاٽي تاريخي دؤر، ٻڌمت واري دؤر ۽ وچئين زماني سان واسطو رکندڙ تاريخي قلعن، ماڳن ۽ آثار تي پڻ تحقيق ڪئي، جن ۾ لاهور جو قلعو (1959ع)، ايبڪ جي قبر 1960ع، تُلمبا
(64-1963ع)، ستڳڙهه (1971ع)، سر مارٽيمر ويلر جي نگرانيءَ ۾ 1958ع ڌاري چارسده ۾ موجود تاريخي ماڳن تي ڪيل تحقيق، (Nimogram) نيموگرام (1967ع)، پانڊيري (1967ع) ۽ بنگلاديش جي علائقن مينامتي ۽ پهاڙپور (63- 1962ع) جا ماڳ قابلِ ذڪر آهن.
هن ابتدائي اسلامي دؤر جي ماڳن جي کوجنا بابت مانسرهه (1965ع) ۽ ڀنڀور (1958ع) ۾ ڊاڪٽر ايف. اي خان جي نگرانيءَ ۾ تحقيقي ڪم جي شروعات ڪئي، جيڪو ڪم ڪيتري وقت تائين جاري رهيو. پاڪستان ۾ قديم آثارن ۽ نوادرات جي نمائش لاءِ عجائب گھرن جي قيام ۽ انهن ۾ سڌارن آڻڻ ۾ پڻ سندس ڪردار رهيو آهي. 1994ع ۾ اسلام آباد عجائب گھر جو قيام، جپاني ماهرن جي سهڪار سان سيدو شريف ۾ قائم سوات عجائب گھر کي نئين سر منظم ڪرڻ، 1993ع ڌاري گلگت ۾ آثار قديمه ۽ بشريات جي حوالي سان عجائب گھر قائم ڪرڻ جي رٿا پيش ڪرڻ، 1994ع ۾ روهتاس قلعي ۾ عجائب گھر جو قيام، 1995ع ڌاري ملتان ۾ نسلياتي ۽ قديم آثارياتي عجائب گھر ۽ 1994ع ۾ ٽيڪسلا عجائب گھر جي واڌ ويجهه ۾ حصو ورتائين. هن قديم آثارن جي تحقيق سان گڏ تاريخي ماڳن ۽ يادگارن جي تحفظ ۽ سنڀال واري عمل ۾ به گھڻي قدر سرگرم رهيو، جن ۾ سوات ۽ ٽيڪسيلا مان هٿ آيل ٻڌمت دؤر جي پروهتن جا آشرم (Monasteries)، وهار ۽ تاريخي شهر جي باقيات، سنڌو ماٿري جي هڙپا تهذيب جي ماڳن جي باقيات ۽ دريافت 16 ۽ 17 صدي عيسويءَ جي اسلامي عمارتن ۾ لاهور جو قلعو ۽ شاليمار باغ، باره دري (وزير خان مسجد)، مغل سلطنت جي بادشاهه جهانگير جو قبو، علي مردان خان، مير خان رند'>چاڪر خان رند ۽ شهزادي پرويز جا مقبرا، نانداڻو قلعو، ’هرڻ مينار‘، ’مريم زماني‘، ’دائي انگا‘ ۽ ’اڪبري سرائي‘ جي نالن سان تاريخي مسجدون ۽ جنڊيالا شير خان ۾ باؤلي نالي تاريخي کوهه جي حفاظت شامل آهن.
بين الاقوامي سهڪار سان تحقيق جي سلسلي ۾ هن 1990ع ۾ جپان جي محقق H. Fujiwara سان گڏجي هڙپا مان هٿ آيل چانورن تي تحقيق ڪئي. ان کانسواءِ 1996ع ڌاري آمريڪا مان آيل محقق Rita P. Wright جي سهڪار سان هڙپا ۽ ان جي ڀر پاسي وارن علائقن تي کوٽائيءَ جو ڪم ڪيائين. هن پنهنجيءَ تحقيق جي حوالي سان بي شمار تحقيقي ليک لکيا، جيڪي مختلف وقتن تي ملڪ جي مقبول رسالن ۽ تحقيقي جرنلن ۾ ڇپجندا رهيا آهن. رفيق مغل جي ڪجهه ڪتابن جو وچور هن ريت آهي:
1. In Preperation Sir Aural Stein’s Survey of the Ghaggar-Hakra Region, Thar Desert (1940-42)
2. The Archaeology of Sindh: Updated Supplement to the Antiquities of Sindh. Department of Culture and Tourism, Government of Sindh, Karachi (1998).
3. Ancient Cholistan, Archaeology and Architecture. Ferozesons, Lahore (1997).
4. PIATR: The Pakistan Institute of Archaeological Training and Research- A Comprehensive Report 1988-1995.
5. The Dilmun Burial Complex at Sar: 1920-1982 Excavation in Bahrain. Ministry of Information, Directorate of Archaeology and Museum, State of Bahrain (1983).
6. Present State of Research on the Indus Valley Civilization. International Symposium on Mohenjo-Daro. Department of Archaeology & Museum, Karachi (1973).
7. The Early Harappan Period in the Greater Indus Valley and Northern Balochistan, Ca. 3000-2400 BC.


هن صفحي کي شيئر ڪريو